44 پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ عيسيٰ ايترو جلد ڪيئن مري ويو. ھن ھڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”عيسيٰ کي مئي ڪيترو وقت ٿيو آھي؟“
45 صوبيدار جي خاطري ڏيارڻ کان پوءِ پلاطس يوسف کي لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني.
46 يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو، لاش کي لھرائي اُن ۾ ويڙھيائين ۽ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر تي کوٽيل ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين.
47 مريم مگدليني ۽ يوسف جي ماءُ مريم اھو ھنڌ ڏٺو پئي جتي ميت کي رکيو ويو.