8 جڏھن خلق اچي گڏ ٿي ۽ دستور موجب پلاطس کان مروت گھريائون،
9 تڏھن ھن انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھين چاھيو ٿا تہ آءٌ اوھان جي خاطر يھودين جي بادشاھہ کي آزاد ڪريان؟“
10 ڇاڪاڻتہ ھن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آھي.“
11 پر سردار ڪاھنن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو عيسيٰ جي بدران برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري.
12 پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”جنھن کي اوھين يھودين جو بادشاھہ ٿا سڏيو، تنھن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“
13 تنھن تي انھن رڙيون ڪري چيو تہ ”انھيءَ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“
14 تڏھن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“