2 آچر جي ڏينھن تي سج اڀرئي مھل اھي قبر تي آيون.
3 اھي پاڻ ۾ چئي رھيون ھيون تہ ”اسان لاءِ ڪير قبر جي منھن تان پٿر ھٽائيندو؟“ ڇالاءِجو اھو پٿر تمام وڏو ھو.
4 پر جڏھن اچي نھاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اھو پٿر تہ اڳي ئي رڙھيو پيو آھي.
5 جڏھن قبر جي اندر ويون تہ ڏٺائون تہ ھڪ نوجوان نوراني پوشاڪ سان ساڄي طرف ويٺو آھي. اھي حيرانيءَ ۾ پئجي ويون.
6 تنھن تي انھيءَ جوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوھين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو؟ ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ ھتي ڪونھي. اِجھا! ھيءَ اھا جاءِ آھي جتي ھن کي رکيو ھئائون.
7 پر اوھين وڃو ۽ وڃي عيسيٰ جي شاگردن ۽ پطرس کي چئو تہ ’ھو اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي. اوھين ھن کي اتي ڏسندا، جيئن ھن پاڻ اوھان کي ٻڌايو ھو.‘“
8 اھي قبر کان ٻاھر نڪري وٺي ڀڳيون، ڇالاءِجو ھنن کي ڏڪڻي ۽ حيراني وٺي ويئي ھئي. انھن ڪنھن سان بہ نہ ڳالھايو ڇالاءِجو ھنن کي ڊپ پئي ٿيو.