9 عيسيٰ آچر جي صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ پھريون دفعو مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنھن مان ھن ست ڀوت ڪڍيا ھئا.
10 ھوءَ ويئي ۽ وڃي ھن جي ساٿين کي اھو ٻڌايائين، جيڪي سوڳ ڪندي روئن پيا.
11 جڏھن ھنن ٻڌو تہ عيسيٰ جيئرو آھي ۽ مريم ان کي ڏٺو آھي، تڏھن اھي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.
12 انھيءَ کان پوءِ عيسيٰ ٻئي صورت انھن مان ٻن شاگردن کي ڏيکاري ڏني، جڏھن اُھي پنھنجو رستو وٺيو ٻھراڙيءَ ۾ وڃن پيا.
13 تڏھن اھي موٽي پيا ۽ اھا ڳالھہ ٻين کي بہ اچي ٻڌايائون. پر اھي انھيءَ ڳالھہ تي اعتبار ئي نہ پيا ڪن.
14 آخر ۾ عيسيٰ يارھن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏھن ھو گڏجي ماني کائي رھيا ھئا. ھن انھن کي ڇينڀيو، ڇاڪاڻتہ انھن کي يقين ئي نہ پئي آيو ۽ اھي ايترا تہ بياعتبار ھئا جو جن ھن کي جيئرو ڏٺو ھو تن تي بہ اعتبار نہ پيا ڪن.
15 پوءِ ھن انھن کي چيو تہ ”سڄي دنيا ۾ وڃو ۽ انسانذات ۾ منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريو.