3 تہ ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻھن کان کڻائي وٽس آيا.
4 جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري ھو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنھن جاءِ ۾ عيسيٰ ويٺل ھو، تنھن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏھن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ ھنن کٽولو، جنھن تي اڌرنگي پيل ھو سو ھيٺ لاٿو.
5 عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏسي انھيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“
6 پر اتي ڪي شريعت جا عالم ويٺا ھئا، سي پنھنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ
7 ”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِجو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“
8 عيسيٰ ھڪدم انھن جي دلين جي دليلن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوھين پنھنجين دلين ۾ اھڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟
9 ڇا اھو سولو آھي تہ ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘