6 پر اتي ڪي شريعت جا عالم ويٺا ھئا، سي پنھنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ
7 ”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِجو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“
8 عيسيٰ ھڪدم انھن جي دلين جي دليلن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوھين پنھنجين دلين ۾ اھڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟
9 ڇا اھو سولو آھي تہ ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘
10 پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابنآدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو عيسيٰ اڌرنگيءَ شخص کي چيو تہ
11 ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“
12 سڀني ماڻھن جي ڏسندي ئي ھو اُٿي بيٺو، پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ھو سڀيئي ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”اسان ڪڏھن بہ اھڙي ڳالھہ نہ ڏٺي آھي!“