مرقس 3:3-9 SCLNT

3 عيسيٰ سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”وچ ۾ ٿي بيھہ.“

4 پوءِ ماڻھن کان پڇيائين تہ ”سبت جي ڏينھن نيڪي ڪرڻ جائز آھي يا بدي، حياتي بچائڻ جائز آھي يا مارڻ؟“ پر ھو ڪجھہ بہ ڪڇي نہ سگھيا.

5 عيسيٰ انھن ڏانھن چوڌاري ڪاوڙ ۾ ڏٺو، پر ساڳي وقت کيس انھن جي ھٺ ۽ ھوڏ تي ارمان بہ پئي ٿيو. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.

6 تنھن تي فريسي جلدي ٻاھر نڪري ويا ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جي ميمبرن سان عيسيٰ جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن کيس ختم ڪجي.

7 عيسيٰ پنھنجن شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. گليل، يھوديہ،

8 يروشلم، ادوم ۽ اردن درياء جي اڀرندي پاسي کان، صور ۽ صيدا جي آس⁠پاس کان بہ ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ٻڌو ھو تہ ھو عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.

9 جيئن تہ ماڻھن جو گھڻو ڳاھٽ ھو تنھنڪري عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ھڪڙي ٻيڙي تيار ڪريو، متان ماڻھو مون کي ڳاھي نہ ڇڏين.“