1 ھو ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ اچي پھتا.
2 اڃا عيسيٰ ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ ھڪڙو ڀوت ورتل ماڻھو غارن واري قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليو.
3 ھو قبرن ۾ رھندو ھو ۽ ھاڻي کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻڌي نہ ٿي سگھيو.
4 ڇالاءِجو ھن کي ڪيترا ئي دفعا لوھہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو ھو، پر ھن انھن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ھو ۽ ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو.
5 ھو رات ڏينھن قبرن ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو ھو ۽ پاڻ کي رتوڇاڻ ڪندو ھو.
6 ھن عيسيٰ کي پري کان ڏسي ورتو، سو ڀڄي اچي سندس پيرن تي ڪري پيو،