13 عيسيٰ انھن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻھوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏھن ٻہ ھزار سوئرن جو اھو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان ھيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.
14 جيڪي ماڻھو سوئرن جو ڌڻ چاري رھيا ھئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شھر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اھا خبر ٻڌايائون. ماڻھو ھن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا.
15 ھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر ھو سو اتي ويٺو آھي ۽ ڪپڙا پيل اٿس ۽ پوري ھوش ۾ آھي. تڏھن سڀيئي ڊڄي ويا.
16 جن اھو رنگ اکين سان ڏٺو ھو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي.
17 تنھن تي انھن عيسيٰ کي منٿ ڪري چيو تہ ”مھرباني ڪري اسان جي علائقي مان ھليا وڃو.“
18 جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو پئي تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ اڳ ڀوت ھئا تنھن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي ھلو.“
19 پر عيسيٰ کيس اجازت نہ ڏني ۽ اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانھن موٽي وڃ ۽ وڃي انھن کي ٻڌاءِ تہ خداوند تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر ھو تو تي مھربان رھيو.“