16 جن اھو رنگ اکين سان ڏٺو ھو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي.
17 تنھن تي انھن عيسيٰ کي منٿ ڪري چيو تہ ”مھرباني ڪري اسان جي علائقي مان ھليا وڃو.“
18 جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو پئي تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ اڳ ڀوت ھئا تنھن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي ھلو.“
19 پر عيسيٰ کيس اجازت نہ ڏني ۽ اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانھن موٽي وڃ ۽ وڃي انھن کي ٻڌاءِ تہ خداوند تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر ھو تو تي مھربان رھيو.“
20 تنھن تي اھو ماڻھو ھليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شھرن ۾ خبرون ڪيائين تہ عيسيٰ ھن لاءِ ڇا ڪيو آھي. سو جن بہ اھو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا.
21 عيسيٰ جڏھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ماڻھن جو وڏو ميڙ ڦري آيس.
22 يھودين جي مقامي عبادتخاني جو يائرس نالي ھڪڙو اڳواڻ عيسيٰ کي ڏسي سندس پيرن تي ڪري پيو.