20 تنھن تي اھو ماڻھو ھليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شھرن ۾ خبرون ڪيائين تہ عيسيٰ ھن لاءِ ڇا ڪيو آھي. سو جن بہ اھو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا.
21 عيسيٰ جڏھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ماڻھن جو وڏو ميڙ ڦري آيس.
22 يھودين جي مقامي عبادتخاني جو يائرس نالي ھڪڙو اڳواڻ عيسيٰ کي ڏسي سندس پيرن تي ڪري پيو.
23 کيس ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منھنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آھي، مھرباني ڪري ھلي ھٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“
24 تنھن تي عيسيٰ ان سان گڏجي ھليو تہ ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھلڻ لڳو ۽ ماڻھو عيسيٰ تي ڳاھٽ پئي ٿيا.
25 اتي ھڪڙي عورت ھئي، جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو.
26 ھن ڪيترن ئي طبيبن کي پاڻ ڏيکاريو ھو ۽ جيڪابہ پنھنجي ميڙي چونڊي ھيس سا سڀ خرچ ڪري ڇڏي ھئائين ۽ کيس ذري جو بہ فائدو ڪونہ پيو ھو، پر اٽلندو وڌيڪ عليل ٿيندي پئي ويئي.