36 عيسيٰ انھيءَ ڳالھہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يھودين جي عبادتخاني جي انھيءَ اڳواڻ کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک.“
37 عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ ھلڻ جي اجازت نہ ڏني.
38 اھي عبادتگاھہ جي اڳواڻ جي گھر آيا ۽ عيسيٰ ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آھي، ماڻھو ڏاڍيان روئن ۽ پٽين ٿا پيا.
39 جڏھن عيسيٰ اندر گھڙيو تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اوھين ھُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو؟ ڇوڪري مئي تہ ڪانھي پر ستي پيئي آھي.“
40 تنھن تي اھي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنھنڪري ھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. رڳو پنھنجن ساٿين ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُپيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اھا ڇوڪري پيئي ھئي.
41 ھن ڇوڪريءَ جي ھٿ کان وٺي چيو تہ”تليٿا قُومي،“ جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي ننڍڙي نينگري! اُٿ.“
42 تنھن تي ڇوڪري ھڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ جيئن تہ ھوءَ ٻارھن ورھين جي ھئي سو گھمڻ ڦرڻ لڳي. ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا.