20 ڇاڪاڻتہ ھيروديس يحيٰ کان ڊڄندو ھو جو ھن ڄاتو پئي تہ يحيٰ ھڪ سچار ۽ پاڪ ماڻھو آھي. سو ھيروديس کيس بچائيندو رھيو. ھيروديس يحيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان ٻڌندو ھو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت ھي ڳالھيون کيس پريشان ڪنديون ھيون.
21 نيٺ ھيرودياس کي وجھہ ملي ويو. ھيروديس پنھنجي جنم جي ڏينھن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻھن جي دعوت ڪئي ھئي.
22 ھيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري ھيروديس ۽ سندس مھمانن کي خوش ڪيو. بادشاھہ انھيءَ نينگريءَ کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“
23 ھن قسم کڻي واعدو ڪيس تہ ”جيڪڏھن بادشاھت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“
24 تنھن تي ھوءَ ٻاھر نڪري ويئي ۽ وڃي پنھنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ ھن چيس تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“
25 تنھن تي نينگري جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي بادشاھہ کي چيائين تہ ”مون کي ھاڻي جو ھاڻي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ آڻي ڏيو.“
26 ھن ڳالھہ ھيروديس بادشاھہ کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر ھو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ ھن مھمانن جي روبرو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو.