34 جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لھي آيو ۽ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏھن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇالاءِجو ھو نڌڻڪين رڍن وانگر ھئا. تنھنڪري ھو کين گھڻيون ئي ڳالھيون سيکارڻ لڳو.
35 جڏھن سج گھڻو لڙي ويو، تڏھن شاگرد گڏجي عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ اسين ھتي سڃ ۾ آھيون.
36 سو ھنن ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسيپاسي جي ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ڪجھہ وٺي کائين.“
37 پر عيسيٰ چين تہ ”اوھين ئي ھنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏھن شاگردن پڇيس تہ ”ڇا اوھان جي مرضي آھي تہ اسين وڃي ٻن سَوَن چانديءَ جي سڪن جي ماني وٺي اچون ۽ ھنن کي کارايون؟“
38 تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“
39 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن ماڻھن کي قطار ۾ ھيٺ سائي گاھہ تي وھاريو.“
40 تنھن تي اھي ماڻھو سؤ سؤ ۽ پنجاھہ پنجاھہ جون ٽوليون ٺاھي ويٺا.