39 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن ماڻھن کي قطار ۾ ھيٺ سائي گاھہ تي وھاريو.“
40 تنھن تي اھي ماڻھو سؤ سؤ ۽ پنجاھہ پنجاھہ جون ٽوليون ٺاھي ويٺا.
41 تڏھن عيسيٰ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي ھٿن ۾ جھلي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اھي ماڻھن ۾ ورھائين. ھن ٻہ مڇيون بہ انھن سڀني ۾ ورھايون.
42 ھر ھڪ ماڻھوءَ کائي ڍءُ ڪيو.
43 پوءِ شاگردن باقي بچيل مانيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارھن کاريون ڀري کنيون.
44 جن ماني کاڌي تن جو تعداد پنج ھزار مرد ھو.
45 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر بيتصيدا شھر ڏانھن وڃو.“ ھن ماڻھن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي.