53 اھي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پھتا ۽ ٻيڙيءَ جا پڳھہ ٻڌي ڇڏيائون.
54 جيئن ئي ٻيڙيءَ تان لٿا تہ ماڻھن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو.
55 پوءِ اھي ماڻھو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويا ۽ جتي لاءِ بہ ٻڌائون تہ عيسيٰ آيو آھي اتي پنھنجا بيمار ماڻھو کٽولن تي کڻي پئي آندائون.
56 عيسيٰ ڳوٺن، شھرن ۽ واھڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ ماڻھن پنھنجا بيمار بازارن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مھرباني ڪري بيمار کي رڳو پنھنجي دامن تي ھٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ ھٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.