8 ۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ ”اوھين پاڻ سان نڪا ماني، نڪو ٻاچڪو، نڪي ھڙ ۾ پيسو يا ٻيو ڪجھہ کڻجو پر سفر ۾ رڳو لٺ کڻجو.
9 رڳو چاکڙيون پائجو ۽ ٻيو ڪوبہ فالتو پھراڻ پاڻ سان نہ کڻجو.“
10 عيسيٰ کين اھو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃو تہ جنھن گھر ۾ اوھين داخل ٿيو تنھن ۾ ايستائين ٽڪي پئجو، جيستائين ان شھر مان روانا نہ ٿيو.
11 جيڪڏھن ڪنھن اھڙي ھنڌ وڃو جتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاھدي ٿئي.“
12 پوءِ اھي روانا ٿي ويا ۽ ماڻھن ۾ وڃي تبليغ ڪيائون تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو.“
13 ھنن ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.
14 گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻتہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“