26 اھا عورت يونانڻ ھئي ۽ سورفينڪيءَ جي قوم مان ھئي. ھن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”منھنجي ڌيءَ مان ھلي ڀوت ڪڍو.“
27 پر عيسيٰ چيس تہ ”پھريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي، ڇالاءِجو اھو واجب نہ آھي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“
28 تنھن تي عورت چيس تہ ”سائين! برابر، پر ڪتا بہ تہ دسترخوان وٽان ٻارن جي اوبر ڪيل مانيءَ جا ٽڪر کائيندا آھن.“
29 عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”برابر، تنھنجي انھيءَ جواب جي ڪري تنھنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“
30 ھوءَ گھر ويئي ۽ ڏٺائين تہ سندس ڌيءَ ھنڌ تي پيل آھي ۽ ڀوت بلڪل ڇڏي ويو ھوس.
31 ھاڻي عيسيٰ صور جي حدن مان نڪري صيدا مان لنگھي، دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل جي ڍنڍ تي آيو.
32 ماڻھو وٽس ھڪڙي اھڙي شخص کي وٺي آيا جيڪو ٻوڙو ھو ۽ ڳالھائڻ ۾ بہ اٽڪ ھيس. سو منٿ ڪيائونس تہ ”ھن کي پنھنجو ھٿ لايو.“