6 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان رياڪارن جي بابت يسعياہ ڪھڙي نہ پيشنگوئي ڪري ويو آھي تہ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي،پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھُري.
7 ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن،ڇالاءِجو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارينڄڻ تہ اھي خدا جا حڪم آھن.‘“
8 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوھين خدا جو حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آھيو.
9 اوھين پنھنجن ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر خدا جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.
10 جيئن تہ موسيٰ فرمايو آھي تہ ’پنھنجي ماءُ ۽ پنھنجي پيءُ جي عزت ڪريو.‘ ۽ ’جيڪو پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي گلا ڪري تنھن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘
11 پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي ماءُپيءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھن اھا قربان، يعني خدا جي نذر ڪري ڇڏي آھي،
12 تہ پوءِ ھو ماءُپيءُ جي گھرج پوري ڪرڻ کان ڇٽي وڃي ٿو.‘