مرقس 8:1-7 SCLNT

1 انھن ڏينھن ۾ وري ماڻھن جو ٻيو وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. انھن جي کائڻ لاءِ ڪجھہ بہ ڪونہ ھو. تنھن تي عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ

2 ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي کين ڪجھہ بہ ڪونھي جو کڻي کائين.

3 ھاڻي جيڪڏھن آءٌ انھن کي پنھنجن گھرن ڏانھن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اھي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇالاءِ⁠جو انھن مان ڪيترا ئي پري کان آيل آھن.“

4 شاگردن وراڻيس تہ ”ھتي سڃ ۾ ايتري ماني ڪٿان اچي جو ھنن ماڻھن جو پيٽ ڀرجي؟“

5 عيسيٰ شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وراڻيو تہ ”ست.“

6 ھن ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“ پوءِ ھن ستن مانين کي کڻي خدا کان انھن ۾ برڪت گھُري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ انھن جي اڳيان رکندا وڃن ۽ انھن ائين ئي ڪيو.

7 اُنھن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ ھيون، تن تي بہ برڪت گھُري شاگردن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اھي بہ کڻي ماڻھن جي اڳيان رکو.“