مرقس 8:19-25 SCLNT

19 جڏھن مون پنج مانيون پنج ھزار ماڻھن کي ڀڃي ڏنيون تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون ھيون؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ٻارھن کاريون.“

20 عيسيٰ وري پڇين تہ ”جڏھن مون ست مانيون چار ھزار ماڻھن ۾ ورھائي پوريون ڪيون ھيون تہ اوھان ان وقت اوبر جي ٽڪرن جون ڪيتريون کاريون ڀري کنيون ھيون؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست کاريون.“

21 عيسيٰ چين تہ ”پوءِ اڃا بہ اوھين نہ ٿا سمجھو.“

22 پوءِ ھو بيت⁠صيدا ۾ آيا، جتي ڪي ماڻھو ھڪ انڌي کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”ھن کي ھٿ لايو.“

23 عيسيٰ انھيءَ انڌي ماڻھوءَ کي ھٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاھر وٺي ويو. اتي ھن انڌي ماڻھوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنھنجا ھٿ سندس اکين تي رکيا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“

24 انڌي ماڻھوءَ مٿي نھاري چيو تہ ”مون کي ماڻھو گھمندي نظر اچن ٿا. پر اھي وڻن وانگر لڳن ٿا.“

25 تنھن تي عيسيٰ وري پنھنجا ھٿ ھن جي اکين تي رکيا تہ ھو غور سان ڏسڻ لڳو ۽ سندس نظر بحال ٿي ويئي. ھو ڏورانھيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.