3 ھاڻي جيڪڏھن آءٌ انھن کي پنھنجن گھرن ڏانھن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اھي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇالاءِجو انھن مان ڪيترا ئي پري کان آيل آھن.“
4 شاگردن وراڻيس تہ ”ھتي سڃ ۾ ايتري ماني ڪٿان اچي جو ھنن ماڻھن جو پيٽ ڀرجي؟“
5 عيسيٰ شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وراڻيو تہ ”ست.“
6 ھن ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“ پوءِ ھن ستن مانين کي کڻي خدا کان انھن ۾ برڪت گھُري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ انھن جي اڳيان رکندا وڃن ۽ انھن ائين ئي ڪيو.
7 اُنھن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ ھيون، تن تي بہ برڪت گھُري شاگردن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اھي بہ کڻي ماڻھن جي اڳيان رکو.“
8 اُنھن تہ کائي ڍءُ ڪيو پر ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون.
9 اھي اٽڪل چار ھزار کن ماڻھو ھئا. پوءِ عيسيٰ انھن کي موڪل ڏني