32 عيسيٰ ھي ڳالھيون کولي کولي چيون. تنھن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”اھڙيون ڳالھيون نہ ڪريو.“
33 عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانھن منھن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ، ڇالاءِجو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر سوچين ٿو.“
34 پوءِ عيسيٰ ميڙ کي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھُري ٿو، تہ اھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.
35 ڇالاءِجو جيڪو گھُري تہ پنھنجي جان بچائي سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي واسطي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنھنجي جان وڃائيندو سو اھا بچائيندو.
36 ڀلا ماڻھوءَ کي انھيءَ مان ڪھڙو فائدو جو ھو سڄي دنيا تہ ھٿ ڪري پر پنھنجي جان وڃائي ڇڏي؟
37 ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.
38 جيڪڏھن ڪو ھن بيايمان ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو تہ ابنآدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“