8 اُنھن تہ کائي ڍءُ ڪيو پر ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون.
9 اھي اٽڪل چار ھزار کن ماڻھو ھئا. پوءِ عيسيٰ انھن کي موڪل ڏني
10 ۽ پاڻ پنھنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙھي دلمنوٿا جي علائقي ۾ ويو.
11 فريسي عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“
12 تنھن تي ھن ٿڌو ساھہ کڻي چيو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو معجزو ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھن زماني جي ماڻھن کي ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“
13 پوءِ ھو انھن کي ڇڏي موٽي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر ھليو ويو.
14 شاگردن کي مانيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ ھڪڙي مانيءَ کان سواءِ انھن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ ھو.