مرقس 9:1-7 SCLNT

1 عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھتي ڪي اھڙا شخص بہ بيٺل آھن جيڪي جيستائين خدا جي بادشاھت کي قدرت سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين ھرگز موت جو ذائقو نہ چکندا.“

2 ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي ھڪ مٿاھين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏھن انھن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي.

3 سندس پوشاڪ اھڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو جيڪر دنيا جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اھڙو سفيد ڪري نہ سگھي.

4 پوءِ انھن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو، جيڪي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا.

5 تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”سائين! اھا اسان جي خوش⁠نصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. اسين ھتي ٽي تنبو ٿا کڻي کوڙيون ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“

6 پطرس کي خبر نہ پئي پوي تہ ھو ڇا پيو چوي، ڇوتہ ھو ۽ ٻيا شاگرد ڏاڍا ڊڄي ويا ھئا.

7 ايتري ۾ ھڪڙي ڪڪر اچي ھنن جي مٿان ڇانوَ ڪئي ۽ انھيءَ ڪڪر مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو ھڪڙو ئي پيارو فرزند آھي. سو ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“