11 شاگردن کانئس پڇيو تہ ”شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ پھريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آھي؟“
12 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، اھو پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. پر صحيفي ۾ ائين بہ لکيل آھي تہ ابنآدم گھڻيون سختيون سھندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟
13 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو، پر ماڻھن کي جيئن وڻيو تيئن ئي ساڻس سلوڪ ڪيائون، جيئن ھن بابت صحيفي ۾ لکيل آھي.“
14 جڏھن اھي موٽي اچي ٻين شاگردن سان مليا تہ ڏٺائون تہ انھن جي چوڌاري ماڻھن جو ھڪ وڏو ميڙ آھي ۽ شريعت جا ڪي عالم شاگردن سان بحث ڪري رھيا آھن.
15 عيسيٰ کي ڏسڻ شرط اھي سڀ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ خوشيءَ وچان ڊوڙي وڃي سندس استقبال ڪيائون.
16 عيسيٰ انھيءَ ميڙ کان پڇيو تہ ”اوھين منھنجي شاگردن سان ڪھڙيءَ ڳالھہ تي بحث ڪري رھيا ھئا؟“
17 تنھن تي ميڙ مان ھڪڙي ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”اي استاد! مون پنھنجو پٽ اوھان وٽ آندو ھو، ڇالاءِجو منجھس ھڪ ڀوت آھي ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿو سگھي.