مرقس 9:15-21 SCLNT

15 عيسيٰ کي ڏسڻ شرط اھي سڀ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ خوشيءَ وچان ڊوڙي وڃي سندس استقبال ڪيائون.

16 عيسيٰ انھيءَ ميڙ کان پڇيو تہ ”اوھين منھنجي شاگردن سان ڪھڙيءَ ڳالھہ تي بحث ڪري رھيا ھئا؟“

17 تنھن تي ميڙ مان ھڪڙي ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”اي استاد! مون پنھنجو پٽ اوھان وٽ آندو ھو، ڇالاءِ⁠جو منجھس ھڪ ڀوت آھي ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿو سگھي.

18 جڏھن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گڦ ڪڍيس ٿو، ان وقت ڏند ڪرٽي ٿو ۽ بدن بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃينس ٿو. مون اوھان جي شاگردن کي چيو تہ ’ھن مان اھو ڀوت ڪڍو.‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“

19 عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين قوم! آءٌ اوھان سان ڪيستائين ھوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوھان جا ڏک سھندس؟ ھاڻي ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچو.“

20 انھن ڇوڪري کي وٽس آندو. جڏھن ڀوت عيسيٰ کي ڏٺو، تڏھن ھن ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گڦ پئي وھيس.

21 عيسيٰ پڻس کان پڇيو تہ ”ڪيترن ڏينھن کان ھن جو ھي حال آھي؟“ ھُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي ھوندي کان ئي وٺي.