2 ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي ھڪ مٿاھين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏھن انھن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي.
3 سندس پوشاڪ اھڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو جيڪر دنيا جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اھڙو سفيد ڪري نہ سگھي.
4 پوءِ انھن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو، جيڪي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا.
5 تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”سائين! اھا اسان جي خوشنصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. اسين ھتي ٽي تنبو ٿا کڻي کوڙيون ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“
6 پطرس کي خبر نہ پئي پوي تہ ھو ڇا پيو چوي، ڇوتہ ھو ۽ ٻيا شاگرد ڏاڍا ڊڄي ويا ھئا.
7 ايتري ۾ ھڪڙي ڪڪر اچي ھنن جي مٿان ڇانوَ ڪئي ۽ انھيءَ ڪڪر مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو ھڪڙو ئي پيارو فرزند آھي. سو ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“
8 ھنن جلدي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو، پر کين عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ نظر نہ آيو.