مرقس 9:22-28 SCLNT

22 ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آھي، ڇوتہ ڪيترا ئي دفعا کيس باھہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. ھاڻي اسان تي ڪو رحم ڪريو ۽ اسان جي مدد ڪريو جيڪڏھن اوھين ڪري سگھو ٿا.“

23 عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اوھان جي لفظن ’جيڪڏھن ڪجھہ ڪري سگھو ٿا‘ جو مطلب ڇا آھي؟ جيڪوبہ ايمان آڻي ٿو تنھن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“

24 تنھن تي ڇوڪري جي پيءُ ھڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ ايمان آڻيان ٿو، پر جيڪڏھن منھنجو ايمان ڪامل نہ آھي تہ مدد ڪريو.“

25 عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙا ۽ گونگا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان ھڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏھن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“

26 تنھن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏھن ڇوڪرو مُڙدي جھڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ ھو مري ويو.

27 پر عيسيٰ کيس ھٿ کان وٺي اُٿاريو تہ ھو اُٿي بيٺو.

28 جڏھن عيسيٰ گھر پھتو تہ سندس شاگردن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو ڪين ڪڍي سگھياسين؟“