28 جڏھن عيسيٰ گھر پھتو تہ سندس شاگردن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو ڪين ڪڍي سگھياسين؟“
29 عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھڙي قسم جي ڀوت کي دعا کان سواءِ ٻي ڪنھن بہ نموني ڪڍي نہ سگھبو آھي.“
30 ھو اتان اٿي ھليا ۽ سڄي گليل منجھان گذري ويا. عيسيٰ جي مرضي نہ ھئي تہ سندس اچڻ جي ڪنھن کي بہ خبر پوي،
31 ڇالاءِجو ھن پنھنجي شاگردن کي تعليم ڏني پئي تہ ”ابنآدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“
32 پر اھي مسيح جي انھيءَ ڳالھہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.
33 اھي ڪفرناحوم ۾ آيا. پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ ھڪڙي گھر ۾ ويٺو ھو تڏھن کانئن پڇيائين تہ ”رستي تي اوھان ڪھڙي ڳالھہ تي بحث پئي ڪيو؟“
34 پر ھنن ڪڇيو ئي ڪين، ڇالاءِجو رستي تي ھنن پاڻ ۾ ھن ڳالھہ تي بحث پئي ڪيو تہ سڀ کان وڏو ڪير آھي.