31 ڇالاءِجو ھن پنھنجي شاگردن کي تعليم ڏني پئي تہ ”ابنآدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“
32 پر اھي مسيح جي انھيءَ ڳالھہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.
33 اھي ڪفرناحوم ۾ آيا. پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ ھڪڙي گھر ۾ ويٺو ھو تڏھن کانئن پڇيائين تہ ”رستي تي اوھان ڪھڙي ڳالھہ تي بحث پئي ڪيو؟“
34 پر ھنن ڪڇيو ئي ڪين، ڇالاءِجو رستي تي ھنن پاڻ ۾ ھن ڳالھہ تي بحث پئي ڪيو تہ سڀ کان وڏو ڪير آھي.
35 تڏھن عيسيٰ ويھي رھيو ۽ ٻارھن ئي شاگردن کي سڏي چيائين تہ ”جيڪڏھن ڪو اڳيان ٿيڻ گھُري، تہ ھو سڀني کان پويان ٿئي ۽ سڀني جو خدمتگار ٿئي.“
36 ھن انھن جي اڳيان ھڪڙو ٻار کڻي بيھاريو ۽ کيس ڀاڪر پائي شاگردن کي چيائين تہ
37 ”جيڪو منھنجي ڪري ھنن ٻارن مان ڪنھن بہ ھڪڙي کي قبول ٿو ڪري، تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو ۽ جنھن مون کي قبول ڪيو، تنھن نہ رڳو مون کي پر ان کي بہ قبول ڪيو جنھن مون کي موڪليو آھي.“