مرقس 9:36-42 SCLNT

36 ھن انھن جي اڳيان ھڪڙو ٻار کڻي بيھاريو ۽ کيس ڀاڪر پائي شاگردن کي چيائين تہ

37 ”جيڪو منھنجي ڪري ھنن ٻارن مان ڪنھن بہ ھڪڙي کي قبول ٿو ڪري، تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو ۽ جنھن مون کي قبول ڪيو، تنھن نہ رڳو مون کي پر ان کي بہ قبول ڪيو جنھن مون کي موڪليو آھي.“

38 يوحنا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان ھڪ اھڙو ماڻھو ڏٺو، جيڪو اوھان جي نالي تي ڀوت ڪڍي رھيو ھو. سو اسان ھن کي منع ڪئي، ڇالاءِ⁠جو ھو اسان جي ٽولي مان نہ ھو.“

39 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ھن کي منع نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھڙو ڪوبہ ماڻھو ڪونھي جيڪو منھنجي نالي تي معجزو ڪري ۽ پوءِ سگھو ئي منھنجي گلا ڪري سگھي.

40 جيڪو بہ اسان جي خلاف نہ آھي سو اسان سان آھي.

41 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو اوھان کي پاڻيءَ جو پيالو انھيءَ لاءِ ٿو پياري تہ اوھين مسيح جا آھيو، تنھن کي پنھنجو اجر ضرور ملندو.“

42 ”ھي ننڍڙا ٻار جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن ھڪ کي بہ جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ چڱو تہ ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.