22 تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر وڃو.“ پوءِ ماڻھن کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏيائين.
23 ماڻھن جي موڪلائڻ کان پوءِ پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. شام تائين ھو اتي اڪيلو ئي رھيو.
24 انھيءَ مھل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي ھئي ۽ ڇولين جي لوڏن ۾ اچي ويئي ھئي، ڇالاءِجو واءُ ان جي سامھون ھو.
25 رات جي پوئين پھر ۾ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انھن وٽ آيو.
26 جڏھن شاگردن کيس پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تہ دھلجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪو جن آھي.“ سو ھو وٺي ڊپ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳا.
27 تنھن تي عيسيٰ ھڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آھيان، دلجاءِ ڪريو.“
28 پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن تون آھين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي ھلي تو وٽ اچان.“