1 جڏھن اھي يروشلم جي ويجھو ٿيا تہ زيتون جي ٽڪر تي بيتفگاہ ڳوٺ ۾ آيا. اتان عيسيٰ ٻن شاگردن کي اڳواٽ موڪليو.
2 انھن کي ھدايتون ڏنائين تہ ”اڳئين ڳوٺ ۾ وڃو. اُتي اوھين ڏسندا تہ ھڪ گڏھِہ پنھنجي کودڙي سميت ٻڌل ھوندي. انھن کي ڇوڙي مون وٽ ڪاھي اچو.
3 جيڪڏھن ڪو ماڻھو اوھان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’سائينءَ کي انھن جي ضرورت آھي.‘ پوءِ ھو ھڪدم اوھان کي اھي ڪاھڻ ڏيندو.“
4 اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيڪو نبيءَ چيو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ
5 ”صيئون جي شھر کي چئو تہ’ڏس، تنھنجو بادشاھہ تو وٽ اچي پيو،نماڻو ۽ گڏھہ تي سوار،بلڪ گڏھہ جي ٻچڙي يعني کودڙي تي.‘“
6 تڏھن شاگرد روانا ٿي ويا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن عيسيٰ کين چيو ھو.
7 اُھي گڏھِہ ۽ سندس کودڙي کي ڪاھي آيا، مٿن پنھنجا ڪپڙا وڌائون ۽ عيسيٰ سوار ٿي ويٺو.
8 ھڪ تمام وڏي ميڙ مان ڪن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا ۽ ٻين وري وڻن جون ٽاريون آڻي رستي تي پکيڙي ڇڏيون.
9 جيڪي ميڙ اڳيان ۽ پٺيان پئي آيا تن وڏي آواز سان چيو پئي تہ”دائود جي پٽ جي واکاڻ ھجي!سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي!عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي!“
10 جڏھن عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄو شھر عجب ۾ پئجي ويو. ماڻھن پڇيو تہ ”ھي ڪير آھي؟“
11 ميڙ مان جواب آيو تہ ”ھي گليل جي شھر ناصرت وارو نبي عيسيٰ آھي.“
12 عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اُتي جيڪي واپار ۽ ڏيتيليتيءَ ۾ رُڌل ھئا، تن کي ڌڪي ڪڍڻ لڳو ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.
13 انھن کي چيائين تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’منھنجو گھر عبادت جو گھر سڏبو،‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻائي آھي.“
14 ڪيئي انڌا ۽ منڊا عيسيٰ وٽ ھيڪل ۾ آيا ۽ ھن انھن سڀني کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.
15 جڏھن سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن اھي عجب جھڙا ڪم ڏٺا جيڪي ھن پئي ڪيا ۽ ٻارن کي ”دائود جو پٽ مبارڪ، مبارڪ “چوندي ٻڌائون تہ اُھي اچي ڪاوڙيا.
16 تنھنڪري انھن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اھو ٻڌين ٿو جيڪو ھو چون پيا؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو. ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنھنجي واکاڻ ڪرائي آھي.‘“
17 پوءِ عيسيٰ انھن کي ڇڏي شھر مان نڪري بيتعنياہ ڏانھن ويو جتي ھو رات ٽڪيو.
18 ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جڏھن عيسيٰ شھر ڏانھن موٽيو پئي تہ کيس اچي بک لڳي.
19 ھن رستي جي ڀر ۾ ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانھن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن ھئا. تنھن تي ھن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏھن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏھن اھو وڻ ھڪدم سڪي ويو.
20 ھي ڏسي شاگرد حيران ٿي ويا ۽ پڇيائون تہ ”انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“
21 عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوھين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون ھن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏھن اوھين ھن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِرُ،‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.
22 جيڪڏھن اوھين ايمان آڻيندا تہ جيڪي بہ دعا ۾ گھرندا سو اوھان کي ملي ويندو.“
23 عيسيٰ ھيڪل ۾ موٽي آيو ۽ جيئن تعليم پئي ڏنائين تہ سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“
24 عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ بہ اوھان کان ھڪڙو سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏھن اوھان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪريان.
25 ٻڌايو تہ يحيٰ جي بپتسما ڪنھن جي طرفان ھئي، خدا جي طرفان ھئي يا ماڻھن جي طرفان؟“ تنھن تي اھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ ھو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوھان ھن تي ايمان ڇو نہ آندو؟‘
26 پر جي چئون ٿا ’ماڻھن جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻھن کان خوف ٿو ٿئي ڇاڪاڻتہ اھي يحيٰ کي نبي ڪري پيا مڃين.“
27 تنھنڪري انھن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي.“ تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم پيو ڪريان.“
28 ”اوھين ھن ڳالھہ بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڪنھن ماڻھوءَ کي ٻہ پٽ ھئا. ھو پھريائين وڏي پٽ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ’پٽ! اڄ وڃي تون انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪر.‘
29 پھريائين تہ ھن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻھي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانھن ھليو ويو.
30 پوءِ پيءُ وري ٻئي پٽ وٽ ويو ۽ کيس ساڳيو ئي ڪم چيائين. ھن جواب ۾ چيو تہ ’ھائو سائين!‘ پر ويو ڪين.
31 ھاڻي اوھين ٻڌايو تہ ھنن ٻنھي مان ڪنھن پنھنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اوھان کان اڳي اھي ڪسبياڻيون ۽ محصول اڳاڙيندڙ خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.
32 ڇالاءِجو يحيٰ تہ اوھان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو ھو ۽ اوھان ھن کي قبول نہ ڪيو. پر محصول اڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين ھن کي قبول ڪيو. اوھان جيتوڻيڪ کيس ڏٺو پر نہ اوھان توبھہ ڪئي ۽ نہ مٿس ايمان آندو.“
33 عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ ھڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙھو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ ھڪ حوض ٺھرايائين ۽ پھري لاءِ ٺُلھہ بہ ٺھرايائين. پوءِ باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.
34 جڏھن ميوي لھڻ جو وقت ٿيو تہ ھن پنھنجا نوڪر باغائين ڏانھن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن.
35 باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ھڪڙي کي مار ڏني، ٻئي کي ماري ڇڏيو ۽ ٽئين کي سنگسار ڪري ڇڏيائون.
36 وري ھُن اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا ۽ تن سان بہ انھن ساڳي ڪار ڪئي.
37 آخر ۾ ھن پنھنجو پٽ موڪليو، ڇالاءِجو ھن جو خيال ھو تہ ھو اُن جي ضرور عزت ڪندا.
38 پر جڏھن باغائين ھن جي پٽ کي ڏٺو تڏھن انھن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھيءُ مالڪ جو وارث آھي. اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘
39 پوءِ انھن ھن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“
40 عيسيٰ پڇيو تہ ”ھاڻي جڏھن باغ جو مالڪ ايندو تڏھن ھو انھن باغائين کي ڇا ڪندو؟“
41 انھن وراڻيو تہ ”ھو ضرور انھن بڇڙن ماڻھن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين کي ٺيڪي تي ڏيندو، جيڪي کيس سندس ڀاڱو ميوي لھڻ وقت ڏيندا.“
42 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.اھو خداوند جي طرفان ڪيو ويو،اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آھي!‘“
43 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاھت اوھان کان کسي ويندي ۽ انھيءَ قوم کي ڏني ويندي جيڪا پورو پورو ميوو اُپائيندي.
44 جيڪوبہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنھن تي اھو ڪرندو، تنھن کي چُور چُور ڪري ڇڏيندو.“
45 سردار ڪاھنن ۽ فريسين جڏھن عيسيٰ جا مثال ٻڌا تہ سمجھيائون تہ ھو انھن بابت ٿو ڳالھائي،
46 تنھنڪري انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي گرفتار ڪرائين. پر کين ماڻھن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇالاءِجو انھن عيسيٰ کي نبي پئي سمجھيو.