متي 25 SCLNT

ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين جو مثال

1 ”انھيءَ ڏينھن آسمان واري بادشاھت ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ھوندي، جيڪي پنھنجون ڏياٽيون کڻي گھوٽ کي وٺڻ لاءِ ٻاھر ويون.

2 انھن مان پنج اياڻيون ھيون ۽ پنج سياڻيون.

3 اياڻين جڏھن پنھنجون ڏياٽيون کنيون تہ پاڻ سان تيل ڪونہ کنيائون،

4 پر سياڻين پنھنجن ڏياٽين کڻڻ وقت پاڻ سان گڏ پيالن ۾ تيل بہ کنيو.

5 گھوٽ کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي تنھنڪري ڇوڪرين کي ننڊ اچڻ لڳي ۽ اھي سمھي پيون.

6 پوءِ اڌ رات جو جڏھن ھُل ٿيو تہ ’اِجھو، گھوٽ اچي ويو. ٻاھر اچو ۽ کيس گڏجو.‘

7 تڏھن اُھي ڇوڪريون اُٿيون ۽ پنھنجون ڏياٽيون ٺيڪ ڪرڻ لڳيون.

8 تڏھن اياڻين ڇوڪرين سياڻين کي چيو تہ ’ڪجھہ تيل اسان کي بہ ڏيو، ڇوتہ اسان جون ڏياٽيون وسامن ٿيون.‘

9 پر سياڻين ڇوڪرين وراڻيو تہ ’اسان وٽ ايترو تيل ڪونہ آھي جو اسان ۽ اوھان لاءِ پورو پئجي سگھي. چڱو ائين ٿيندو جو اوھين وڃي دڪان تان پنھنجي لاءِ تيل وٺي اچو.‘

10 تنھنڪري اياڻيون ڇوڪريون تيل وٺڻ لاءِ ويون پئي تہ ايتري ۾ گھوٽ بہ اچي پھتو. پنج ڇوڪريون جيڪي تيار ھيون سي گھوٽ سان شاديءَ جي محفل ۾ ويون ۽ دروازو بند ٿي ويو.

11 تنھن کان پوءِ ٻيون ڇوڪريون بہ پھتيون ۽ چوڻ لڳيون تہ ’اي سائين! اي سائين! اسان لاءِ در کوليو.‘

12 پر گھوٽ وراڻيو تہ ’آءٌ سچ ٿو چوان تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان.‘

13 تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين انھيءَ ڏينھن يا وقت کي نہ ٿا ڄاڻو.“

ٽن نوڪرن جو مثال

14 ”يا وري آسمان واري بادشاھت انھيءَ ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو ٻئي ملڪ ڏانھن سير ڪرڻ لاءِ ويو پئي ۽ پنھنجن نوڪرن کي سڏي پنھنجو مال ملڪيت انھن جي حوالي ڪيائين.

15 ھن ھر ھڪ کي سندس لياقت موجب ملڪيت ڏني. ھڪ کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ ھزار ۽ ٽئين کي ھڪ ھزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي ويو ھليو.

16 جنھن کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن وڃي ھڪدم انھن سان واپار ھلايو ۽ ٻيا پنج ھزار ڪمايائين.

17 اھڙيءَ طرح جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن بہ ٻہ ھزار ٻيا ڪمايا.

18 پر جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن زمين ۾ کڏ کوٽي پنھنجي مالڪ جا پيسا پوري ڇڏيا.

19 گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انھن نوڪرن جو مالڪ موٽي آيو ۽ انھن کان حساب وٺڻ لڳو.

20 جنھن نوڪر کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا، اھو ٻيا بہ پنج ھزار کڻي آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ پنج ھزار ڪمايا آھن.‘

21 تنھن تي ھن جي مالڪ چيو تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘

22 پوءِ اھو نوڪر آيو جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچڻ سان چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ ٻہ ھزار ڪمايا آھن.‘

23 تنھن تي سندس مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘

24 پوءِ اھو نوڪر اندر آيو جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي خبر ھئي تہ اوھين سخت ماڻھو آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين اھو لڻندا آھيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آھيو ۽ اھو گڏ ڪندا آھيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آھيو.

25 تنھنڪري مون کي ڊپ ٿيو، سو مون وڃي اوھان جا ڏنل ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا زمين ۾ پوري ڇڏيا. اِجھو، ھي اوھان جا پيسا.‘

26 تنھن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏھن تو کي اھا بہ خبر ھئي تہ آءٌ اھو لڻندو آھيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آھيان ۽ اھو گڏ ڪندو آھيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آھيان

27 تہ پوءِ تو کي گھربو ھو تہ منھنجا پيسا سيڙائين ھا ۽ جڏھن آءٌ موٽي اچان ھا تہ پيسا منافعي سميت اچي وٺان ھا.‘

28 پوءِ حڪم ڏنائين تہ ’ھن کان اھو ھڪ ھزار بہ کسي ڏھن ھزارن واري نوڪر کي ڏيو.

29 ڇالاءِ⁠جو جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.

30 اوھين ھن بيڪار نوڪر کي ڌڪا ڏيئي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلايو، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ پنھنجا ڏند ڪرٽي.‘“

آخري فيصلو

31 ”جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو

32 ۽ سڀني قومن جا ماڻھو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ ھو انھن کي ٻن ٽولن ۾ ورھائيندو، جيئن ريڍار پنھنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آھي.

33 ھو رڍن کي پنھنجي ساڄي پاسي بيھاريندو ۽ ٻڪرين کي کاٻي پاسي.

34 پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي.

35 ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي پياريو، آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو.

36 آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا ڍڪايا، آءٌ بيمار ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري ڪئي، آءٌ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي ملاقات ڪئي.‘

37 تنھن تي نيڪ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل ڏسي کارايو يا اُڃايل ڏسي پياريو؟

38 ڪڏھن اسان تو کي پرديسي ڏسي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو يا اگھاڙو ڏسي ڪپڙا ڍڪايا؟

39 ڪڏھن اسان تو کي بيمار يا قيد ۾ ڏسي تنھنجي ملاقات ڪئي؟‘

40 بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘

41 پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.

42 ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ پياريو.

43 جڏھن آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ نہ ٽڪايو، آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا نہ ڍڪايا، آءٌ بيمار ۽ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري نہ ڪئي.‘

44 پوءِ اھي بہ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل، اڃايل، پرديسي، اگھاڙو، بيمار يا قيد ۾ ڏٺو جو اسان تنھنجي مدد نہ ڪئي؟‘

45 تنھن تي بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن بہ گھٽ کان گھٽ ماڻھوءَ کي مدد کان انڪار ڪيو تہ ڄڻ اوھان منھنجي مدد کان انڪار ڪيو.

46 پوءِ اوھان کي دائمي سزا ملندي ۽ نيڪن کي دائمي زندگي.‘“

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28