متي 20 SCLNT

انگورن جي باغ جا مزور

1 ”آسمان واري بادشاھت ڪنھن گھر جي مالڪ مثل آھي، جيڪو صبح جو سوير انھيءَ لاءِ ٻاھر نڪتو تہ پنھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزور بيھاري.

2 ھنن سان روز جي مزوري ھڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنھنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين.

3 پھر کن گذرڻ کان پوءِ ھو بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزور بہ واندا بيٺا آھن.

4 انھن کي چيائين تہ ’اوھين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق ھوندو سو آءٌ اوھان کي ڏيندس،‘

5 تڏھن اھي بہ ويا. پوءِ ٻہ پھر گذريا تہ ھو وري ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزور ڪيائين. ٽي پھر گذريا تہ وري بہ ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزور موڪليائين.

6 ھو وري چوٿين پھر بازار ويو ۽ وري بہ ائين ئي ماڻھن کي واندو بيٺل ڏٺائين ۽ کانئن پڇيائين تہ ’اوھين ھتي سڄو ڏينھن ڇو واندا بيٺا آھيو؟‘

7 انھن وراڻيو تہ ’ڇالاءِ⁠جو اسان کي پورھئي تي ڪنھن بہ ڪين بيھاريو آھي.‘ تنھن تي ھن چين تہ ’چڱو اوھين بہ وڃي منھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘

8 جڏھن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنھنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزورن کي سڏي کين مزوري ڏي. پھريائين انھن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا ھئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انھن کي ڏي جيڪي پھريائين ڪم تي بيٺل ھئا.‘

9 جيڪي ماڻھو چوٿين پھر ڪم تي بيٺا ھئا تن مان ھر ڪنھن کي ھڪ چانديءَ جو سڪو مليو.

10 تنھنڪري جيڪي ماڻھو پھريائين اچي ڪم تي بيٺا ھئا انھن سمجھيو تہ ’شايد اسان کي گھڻو ملندو،‘ پر انھن مان بہ ھر ھڪ کي ھڪ چانديءَ جو سڪو مليو.

11 انھن پيسا تہ کنيا پر مالڪ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا تہ

12 ’اسان، جن سڄو ڏينھن پورھيو ڪيو ۽ سج جي گرمي سَٺي تن کي بہ تو اوتري ئي مزوري ڏني آھي جيتري رڳو ھڪڙي پھر کان بہ گھٽ ڪم ڪندڙن کي ڏني اٿيئي.‘

13 تنھن تي ھُن انھن مان ھڪڙي کي وراڻيو تہ ’ميان! مون تو سان ناحق ڪين ڪيو آھي. ڇا تو مون سان ھڪ چانديءَ جو سڪو مزوري ڪين ٻولي ھئي؟

14 جيڪي تنھنجو حق آھي سو وٺي ھليو وڃ. اھا منھنجي مرضي آھي تہ ھن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان.

15 ڇا مون کي اھو حق نہ آھي جو پنھنجي پيسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ آءٌ سخي آھيان تنھن ڪري تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘

16 ساڳيءَ طرح جيڪي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا.“

ٽيون دفعو پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ

17 جڏھن عيسيٰ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ رستي ۾ ھن پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي نويڪلائيءَ ۾ وٺي وڃي چيو تہ

18 ”ٻڌو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون جتي ابن⁠آدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا.

19 پوءِ اُھي کيس غير قومن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، چھبڪ ھڻندس ۽ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندس ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

ھڪ ماءُ جو عرض

20 پوءِ زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنھنجي ٻنھي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ پيرين پئي کيس ھڪ عرض ڪرڻ لڳي.

21 عيسيٰ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي ھُن چيس تہ ”واعدو ڪريو تہ جڏھن اوھان جي بادشاھت اچي تہ منھنجو ھڪڙو پٽ اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويھي.“

22 عيسيٰ انھن کي وراڻيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رھيا آھيو. ڇا اوھين اھو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آھيان؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“

23 تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين منھنجو پيالو پيئندا. پر پنھنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويھارڻ منھنجي اختيار ۾ نہ آھي. اھي جايون انھن جون آھن جن جي لاءِ منھنجي پيءُ تيار ڪيون آھن.“

24 جڏھن ٻين ڏھن شاگردن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ اھي ٻنھي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا.

25 پر عيسيٰ انھن کي سڏي چيو تہ ”اوھان کي خبر آھي تہ قومن جا سردار ماڻھن تي حڪم ٿا ھلائين ۽ انھن سردارن مٿان وري اميرن کي اختيار آھي.

26 پر اوھان ۾ ائين نہ ٿيندو. اوھان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاھي تہ اھو اوھان جو نوڪر ٿئي،

27 ۽ جيڪو اوھان مان اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اھو اوھان جو غلام ٿئي.

28 ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر انھيءَ لاءِ تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ پنھنجي جان گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي.“

ٻن انڌن کي سڄو ڪرڻ

29 جيئن اھي يريحو شھر مان نڪري رھيا ھئا تہ ھڪ وڏو ميڙ عيسيٰ جي پويان آيو.

30 ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا ھئا تن جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ لنگھي رھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“

31 خلق انھن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اھي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“

32 تنھن تي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ انھن کي سڏي کانئن پڇيائين تہ ”اوھين ڇا ٿا چاھيو ۽ آءٌ اوھان جي لاءِ ڇا ڪريان؟“

33 انھن وراڻيو تہ ”سائين! اسان جي اکين کي کوليو.“

34 عيسيٰ کي انھن تي رحم اچي ويو، سو سندن اکين تي ھٿ لاتائين تہ اھي ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اھي بہ سندس پٺيان ھلڻ لڳا.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28