متي 8 SCLNT

ڪوڙھہ جھڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ

1 جڏھن عيسيٰ ٽڪر تان ھيٺ لٿو تہ وڏا ميڙ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳا.

2 ايتري ۾ ھڪڙو ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو عيسيٰ وٽ آيو، جنھن کيس سجدو ڪري چيو تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

3 تنھن تي عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ کيس لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم ھن جو ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو.

4 پوءِ عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”ٻڌ، متان ڪنھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائين. پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“

فوجي صوبيدار جي نوڪر کي شفا ڏيڻ

5 جڏھن عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ داخل ٿيو تہ وٽس ھڪ فوجي صوبيدار آيو ۽ منٿ ڪري چيائينس تہ

6 ”سائين! منھنجو نوڪر اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ گھر ۾ پيو آھي ۽ ڏاڍا عذاب پيو سھي.“

7 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ گھر ھلي ھن کي چڱو ڀلو ڪندس.“

8 تڏھن فوجي صوبيدار عرض ڪيو تہ ”سائين! آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو. رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر خوش ٿي پوندو.

9 آءٌ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ،‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ،‘ تہ ھو ايندو ۽ جي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر،‘ تہ ھو ڪندو.“

10 عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي سندس پٺيان آيا پئي تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ مون کي ھن جھڙو ايمان بني اسرائيل ۾ ڪنھن ۾ بہ نظر نہ آيو.

11 آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ ڪيترائي اڀرندي ۽ الھندي کان ايندا ۽ آسمان واري بادشاھت ۾ ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب سان اچي دسترخوان تي گڏ ويھندا.

12 پر جيڪي بادشاھت جا وارث آھن تن کي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلايو ويندو، جتي ھو رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا.“

13 پوءِ عيسيٰ فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون يقين ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏھن انھيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.

گھڻن ماڻھن کي شفا ڏيڻ

14 عيسيٰ جڏھن پطرس جي گھر ويو تہ اتي ڏٺائين تہ ھن جي سس بخار ۾ بستري تي بيمار پئي ھئي.

15 عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ سندس بخار ويندو رھيو. ھوءَ اٿي ويٺي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي.

16 جڏھن سانجھي ٿي تہ ماڻھو عيسيٰ وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. ھن ھڪڙي لفظ سان انھن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ سڀني بيمارن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.

17 ھن اھو ڪم ڪري يسعياہ نبيءَ جي ان قول کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ”ھن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون ۽ اسان جا مرض پنھنجي سر تي کنيا.“

عيسيٰ جا پوئلڳ ڪير؟

18 عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ کيس ويڙھي ويو آھي، سو ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ڍنڍ جي ھن ڀر ھلو.“

19 ھڪ شريعت جو عالم عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي استاد! جيڏانھن اوھين ويندا اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“

20 عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“

21 ھڪڙو ٻيو ماڻھو، جيڪو سندس شاگرد ھو، تنھن چيس تہ ”سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو، جيستائين آءٌ پنھنجي پتا کي دفنائي اچان.“

22 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پويان اچ ۽ ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين.“

عيسيٰ جو طوفان کي بند ڪرڻ

23 جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو تہ سندس شاگرد بہ ساڻس گڏ ھليا.

24 اوچتو ئي ڍنڍ ۾ اھڙو زبردست طوفان آيو جو سندن ٻيڙي ڇولين ۾ ٻڏڻ لڳي، ان وقت يسوع اگھور ننڊ ۾ ھو.

25 تڏھن شاگرد وٽس آيا ۽ جاڳائي چيائونس تہ ”اي سائين! اسان کي بچايو جو اسين ھاڻي تہ ٻڏڻ تي آھيون.“

26 تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ايترا ڊنل ڇو آھيو؟ ڇا اوھان جو ايمان ايترو ئي آھي؟“ ھو اٿيو ۽ ھوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.

27 اھي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ مڃينس ٿا.“

ڀوتن ورتل ٻن ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ

28 پوءِ عيسيٰ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اھي ٻئي اھڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل ھئا جو ڪوبہ ماڻھو انھيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو ھو.

29 عيسيٰ کي ڏسڻ سان ھو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ابن خدا! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آھين؟“

30 ويجھو ئي سوئرن جو ھڪ وڏو ڌڻ چري رھيو ھو.

31 ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏھن اوھين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“

32 تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڀلي وڃو.“ تڏھن اھي نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اھو سڄو ڌڻ لاھيءَ تان ھيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

33 ڌڻ چارڻ وارا اھو ڏسي شھر ڏانھن ڀڳا ۽ ڀوتن ورتل ماڻھن جو سمورو احوال ڪري ٻڌايائون.

34 تنھن تي سڄو شھر عيسيٰ سان ملڻ لاءِ ٻاھر نڪري آيو. جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ منٿ ڪري چوڻ لڳس تہ ”سائين! مھرباني ڪري اسان جي علائقي مان ھليا وڃو.“

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28