1 عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ پار ڪري پنھنجي ڳوٺ ڪفرناحوم موٽي آيو.
2 ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“
3 تنھن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو تہ ڪفر ٿو بڪي.“
4 عيسيٰ سمجھي ويو تہ ھو ڇا سوچي رھيا آھن، سو کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون خراب ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟
5 ڇا اھو سولو آھي جو ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا،‘ يا کيس چئجي تہ ’اٿ ۽ گھم ڦر‘؟
6 پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابنآدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“
7 اھو ماڻھو اٿيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.
8 جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!
9 عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.
10 پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏھن ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار آيا، جيڪي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا.
11 فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“
12 عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”طبيب جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي ھوندي آھي.
13 وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ ھن لکت جي معنيٰ ڇا آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي،‘ ڇالاءِجو آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“
14 پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوھان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“
15 تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آھي تيستائين ھو ڪي غمگين رھندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.
16 ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو ھڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي پھراڻ کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.
17 نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي ھارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنھنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آھي تہ جيئن ٻيئي سلامت رھن.“
18 جڏھن عيسيٰ انھن کي ھي چئي رھيو ھو تڏھن يھودين جي مقامي عبادتخاني جو ھڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائين تہ ”ھينئر ئي منھنجي ڌيءَ مُئي آھي، پر اوھين ھلي ھٿ لائيندوس تہ ھوءَ جيئري ٿي پوندي.“
19 تڏھن عيسيٰ اٿيو ۽ شاگردن سميت ھن سان گڏجي ھليو.
20 واٽ تي ڪا عورت ھئي جنھن کي ٻارھن سالن کان رت پيو ايندو ھو. ھوءَ عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين.
21 ھن دل ۾ چيو تہ ”جيڪڏھن رڳو ڪپڙن کي بہ ھٿ لڳو تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.“
22 عيسيٰ ڦري انھيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ، تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي.“ انھيءَ ئي وقت اھا عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.
23 پوءِ عيسيٰ اڳواڻ جي گھر پھتو ۽ ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي.
24 تنھن تي ھن چيو تہ ”سڀ ھليا وڃو، ڇوڪري مئي ڪانہ آھي پر ھوءَ ننڊ پيئي آھي.“
25 سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ماڻھن جي ٻاھر نڪرڻ شرط عيسيٰ ڪمري ۾ ويو ۽ ڇوڪريءَ جي ھٿ کان ورتائين تہ ھوءَ اُٿي ويٺي.
26 ھن واقعي جي خبر انھيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي.
27 جڏھن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻھو سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چيائونس تہ ”اي ابن دائود! اسان تي ڪو رحم ڪريو.“
28 پوءِ عيسيٰ ھڪ گھر ۾ آيو تہ اھي انڌا بہ وٽس آيا ۽ ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان کي يقين آھي تہ ھي ڪم آءٌ ڪري سگھان ٿو؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”ھائو سائين.“
29 عيسيٰ انھن جي اکين کي ھٿ لاتو ۽ چيائين تہ ”ائين ئي ٿئي جيئن توھان جو ايمان آھي.“
30 تڏھن انھن جي ديد موٽي آئي. پوءِ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيائين تہ ”متان اھا ڳالھہ ڪنھن کي ٻڌايو.“
31 پر انھن وڃي علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عيسيٰ جون ڳالھيون پکيڙي ڇڏيون.
32 جيئن ئي اھي ٻيئي ٻاھر نڪرن پيا تہ ڪي ماڻھو ھڪ اھڙو شخص عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ ان ۾ ھڪ ڀوت ھو.
33 جڏھن ڀوت کي ڪڍيو ويو تہ ماڻھوءَ ڳالھائڻ شروع ڪيو، تڏھن خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل ۾ اسان اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آھي.“
34 پر فريسي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ماڻھن مان ڀوت ڪڍي ٿو.“
35 پوءِ عيسيٰ چوطرف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گھمندو رھيو. اُتي ھو سندن عبادتخانن ۾ ماڻھن کي تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ھر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رھيو.
36 ھن جڏھن ميڙ ڏٺا تہ سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻتہ ھو ائين ڏکويل ۽ بيسھارا ھئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ ھجن.
37 تنھنڪري پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”فصل تہ ڏاڍو ڀلو ٿيو آھي پر ان کي لڻندڙ ٿورا آھن.
38 تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو ڏياري موڪلي.“