متي 27 SCLNT

عيسيٰ پلاطس جي اڳيان

1 صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ پاڻ ۾ مليا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جا منصوبا جوڙڻ لڳا.

2 سو ھن کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيائونس.

يھوداہ جو موت

3 جڏھن دغاباز يھوداہ ڏٺو تہ عيسيٰ کي سزاوار ٺھرايو ويو آھي تڏھن ھن ڏاڍو پڇتايو ۽ اھي ٽيھہ چانديءَ جا سڪا سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ موٽائي کڻي ويو.

4 ھن کين چيو تہ ”مون اھو گناھہ ڪيو آھي جو ھڪ بي⁠گناھہ کي پڪڙايو اٿم.“ پر انھن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪھڙو واسطو؟ اھو تہ تنھنجو ئي ڪم آھي سو تون ئي ڄاڻ.“

5 يھوداہ اھي پيسا ھيڪل ۾ ڦٽا ڪري ھليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاھو ڏنائين.

6 پوءِ سردار ڪاھنن اھي سڪا کڻي چيو تہ ”ھي پيسا خون جي بھا آھي، تنھنڪري انھن پيسن کي ھيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آھي.“

7 سو ھنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انھن پيسن سان ڪنڀر وارو ميدان خريد ڪيو، انھيءَ لاءِ تہ اتي پرديسين واسطي قبرستان ٺاھين.

8 اھو ئي سبب آھي جو اڄ ڏينھن تائين اھا زمين ”رت جو ميدان“ سڏبي آھي.

9 اھڙيءَ طرح يرمياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿيو تہ ”انھن اھي ٽيھہ سڪا کنيا، جيڪي بني اسرائيل سندس مُلھہ طور ڏيڻ لاءِ قبول ڪيا ھئا.

10 پوءِ انھن اھي پيسا ڪنڀر جي ميدان لاءِ ڏنا، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو ھو.“

پلاطس جو عيسيٰ کان سوال پڇڻ

11 عيسيٰ گورنر جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنھن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“

12 جڏھن سردار ڪاھن ۽ چڱا مڙس مٿس تھمتون ھڻڻ لڳا تہ انھن جي جواب ۾ يسوع ڪجھہ بہ نہ چيو.

13 تنھنڪري پلاطس ھن کي چيو تہ ”ڇا تون ھي سڀ ڳالھيون ٻڌين ٿو جيڪي ھي تو تي مڙھين ٿا؟“

14 پر عيسيٰ جواب ۾ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيو. تنھن تي گورنر ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو.

عيسيٰ لاءِ موت جي فتويٰ

15 گورنر جو اھو دستور ھوندو ھو تہ عيد فصح جي موقعي تي ھو ھڪڙي قيديءَ کي آزاد ڪندو ھو، جنھن جي لاءِ رعيت چوندي ھيس.

16 انھن ڏينھن ۾ ھڪ مشھور ماڻھو قيد ٿيل ھو، جنھن جو نالو برابا ھو.

17 پوءِ جڏھن ماڻھو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوھان جي خاطر آءٌ ڪنھن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا عيسيٰ کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“

18 ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ڄاتو پئي تہ ھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري وٽس آندو آھي.

19 اڃا ھو انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي ھو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”ھن نيڪ ماڻھوءَ کي ڪجھہ بہ نہ چئجانءِ، ڇالاءِ⁠جو اڄ خواب ۾ مون ھن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آھي.“

20 پر سردار ڪاھنن ۽ بزرگن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.

21 گورنر انھن کان پڇيو تہ ”ھنن ٻنھي مان اوھان جي خاطر ڪنھن کي آزاد ڪريان؟“ انھن وراڻيو تہ ”برابا کي!“

22 تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”پوءِ عيسيٰ کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انھن سڀني چيو تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

23 تنھن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

24 تنھنڪري جڏھن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آھي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏھن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻھن جي اڳيان پنھنجا ھٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ ھن ماڻھوءَ جي خون کان آجو آھيان. اھا اوھان جي ذميواري آھي.“

25 سڀني ماڻھن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ ھن جي خون جي سزا اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي ملي.“

26 پوءِ پلاطس برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو. پر عيسيٰ کي ھن چھبڪ ھڻائي ماڻھن جي حوالي ڪيو تہ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

سپاھين جو عيسيٰ تي چٿرون ڪرڻ

27 پوءِ سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا ۽ سمورا سپاھي ھن جي چوڌاري ڦري آيا.

28 انھن عيسيٰ جا ڪپڙا لھرايا ۽ ھڪڙو قرمزي جبو ڍڪايائونس.

29 تنھن کان پوءِ انھن ھڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاھي ھن جي مٿي تي رکيو ۽ ھڪ لٺ سندس ھٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي ھن جي اڳيان گوڏا کوڙي چٿرون ڪرڻ لڳا. اھي چون پيا تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“

30 پوءِ انھن ھن کي ٿڪون ھنيون ۽ اھا ئي لٺ کڻي کيس مٿي تي ڌڪ ھڻڻ لڳا.

31 جڏھن اھي چٿرون ڪري چڪا تہ اھو قرمزي جبو لھرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پھرايائونس. پوءِ ھو کيس ٻاھر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

صليب تي عيسيٰ کي ڪوڪا ھڻڻ

32 جڏھن ھو وڃن پيا تہ انھن کي ڪرين شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو جنھن جو نالو شمعون ھو. انھيءَ تي ھنن زور رکيو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي.

33 پوءِ ھو گلگٿا نالي ھڪڙي جاءِ تي پھتا، جنھن جي معنيٰ آھي ”کوپريءَ جي جاءِ“.

34 انھن عيسيٰ کي ڪوڙاڻ گڏيل مئي پيئڻ لاءِ ڏني. پر جڏھن ھن اھو چکيو تڏھن پيئڻ کان انڪار ڪيائين.

35 سپاھين کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وڌائون.

36 ان کان پوءِ اُھي اُتي ويھي رھيا ۽ ھن تي پھرو ڏيڻ لڳا.

37 انھن ھن جي مٿان اھو الزام لکي ھنيو تہ ”ھي يھودين جو بادشاھہ عيسيٰ آھي.“

38 پوءِ عيسيٰ سان گڏ ٻن ڌاڙيلن کي بہ صليب تي چاڙھيائون، ھڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي.

39 جيڪي ماڻھو اتان لنگھن پيا سي پنھنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ

40 ”تون تہ ٽن ڏينھن ۾ ھيڪل پيو ڊاھين ۽ ٺاھين، ھاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ صليب تان ھيٺ لھي تہ ڏيکار.“

41 ساڳيءَ طرح سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ ھن تي چٿرون ڪري چوڻ لڳا تہ

42 ”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي پر ھاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا ھي بني اسرائيل جو بادشاھہ آھي؟ ھاڻي صليب تان لھي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون.

43 ھو خدا تي ڀروسو ٿو رکي ۽ چوي ٿو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان‘ تہ پوءِ ھاڻي ڏسون تہ خدا ھن کي ڪيئن ٿو بچائي.“

44 جيڪي ڌاڙيل ھن سان گڏ صليب تي چاڙھيا ويا اھي بہ ساڳيءَ طرح کيس طعنا ھڻن پيا.

عيسيٰ جو موت

45 منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي.

46 ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما سبخٿني؟“ يعني ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“

47 جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ھي الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“

48 انھن مان ھڪڙو ماڻھو جلدي ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.

49 پر ٻين چيو تہ ”ترسو، ڏسون تہ الياس ھن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“

50 عيسيٰ وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.

51 انھيءَ دم ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏونگر ڏري پيا.

52 قبرون ڦاٽي پيون ۽ ڪيترائي نيڪ ماڻھو جيڪي مري ويا ھئا سي جيئرا ٿي اٿيا.

53 اھي عيسيٰ جي ٻيھر جيئري ٿيڻ کان پوءِ قبرن مان ٻاھر نڪري اچي پاڪ شھر يروشلم ۾ داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کين ڏٺو.

54 فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا، تن جڏھن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھيءُ ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“

55 اُتي ڪيتريون عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. اُھي عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي گليل کان آيون ھيون.

56 انھن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ ھئي.

عيسيٰ جو ڪفن دفن

57 جڏھن شام ٿي تہ ارمٿيا جو رھاڪو ھڪ شاھوڪار ماڻھو اتي اچي پھتو. ھن جو نالو يوسف ھو ۽ ھو بہ عيسيٰ جو شاگرد ٿيو ھو.

58 ھو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين. پلاطس حڪم ڏنو تہ ”عيسيٰ جو لاش کيس ڏنو وڃي.“

59 پوءِ يوسف لاش ورتو ۽ انھيءَ کي ھڪڙي اُچي صاف ڪفن ۾ ويڙھي،

60 اُن قبر ۾ رکيائين جيڪا ھن ٽڪر تي پنھنجي لاءِ تازو کوٽائي ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين ۽ پاڻ ھليو ويو.

61 مريم مگدليني ۽ اھا ٻي مريم اچي قبر جي سامھون ويھي رھيون.

قبر تي پھرو

62 تياريءَ جي ڏينھن کان پوءِ ٻئي ڏينھن تي سردار ڪاھن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ ويا

63 ۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آھي تہ ھو ٺڳ جڏھن اڃا جيئرو ھو تہ چوندو ھو تہ ’آءٌ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘

64 تنھنڪري اوھين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينھن تائين قبر تي پھرو ڏنو وڃي، متان ھن جا شاگرد سندس ميت چورائي وڃن ۽ وڃي ماڻھن کي چون تہ ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو آھي. سو متان ھيءَ پوئين ٺڳي پھرين کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“

65 تنھن تي پلاطس انھن کي چيو تہ ”پوءِ پھريدار وٺي وڃو ۽ ايتري سخت چوڪسي ڪريو جيتري ڪري سگھو.“

66 پوءِ ھو پھريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ پٿر تي مُھر ھڻي قبر تي پھرو ڏنائون.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28