1 انھيءَ مھل شاگرد عيسيٰ وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”آسمان واري بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آھي؟“
2 تنھن تي عيسيٰ ھڪ ٻار کي سڏي انھن جي سامھون بيھاري
3 چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اوھين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان واري بادشاھت ۾ ڪڏھن بہ داخل ٿي نہ سگھندا.
4 آسمان واري بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو اُھو آھي جيڪو پاڻ کي ھن ٻار وانگر نماڻو ۽ نھٺو ٿو ڪري،
5 ۽ جيڪوبہ اھڙن ٻارن کي منھنجي ڪري قبول ٿو ڪري تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو.“
6 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ھي ننڍڙا جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو تہ کيس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.
7 ھن دنيا کي حيف آھي، جنھن جون شيون ماڻھن کي گمراھہ ٿيون ڪن. گمراھي تہ ضرور ٿيندي پر مصيبت آھي اُن ماڻھوءَ لاءِ جنھن جي وسيلي گمراھي ٿئي ٿي.
8 جيڪڏھن تنھنجو ھٿ يا پير تو کي گمراھہ ڪري تہ اھو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو ٻنھي ھٿن يا پيرن سان دائمي باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو جنت ۾ داخل ٿئين.
9 جيڪڏھن تنھنجي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اُھا ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو ٻن اکين سان جھنم جي باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ڪاڻو ئي جنت ۾ داخل ٿئين.“
12 ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي سؤ رڍون ھجن ۽ انھن مان ھڪ وڃائجي وڃينس تہ ڇا ھو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن ھڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟
13 جڏھن ھو اھا رڍ لھي ٿو تہ آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اُھي نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آھن تن کان وڌيڪ ھو انھيءَ ھڪ لاءِ خوشي ڪندو.
14 ساڳيءَ طرح اوھان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاھي تہ ھنن ننڍڙن مان ڪو ھڪڙو بہ گمراھہ ٿي وڃي.“
15 ”جيڪڏھن اوھان جي ڪليسيا جو ڪو ماڻھو اوھان جو ڏوھہ ٿو ڪري تہ ھن کي اھو ڏوھہ اڪيلائيءَ ۾ ياد ڏياريو. جيڪڏھن ھن اوھان جي ڌيان سان ٻڌي تہ ڄڻ اوھان ھڪ ھمايمان کي موٽائي آندو،
16 پر جيڪڏھن ھو اوھان جي ڌيان سان نہ ٻڌي تہ پوءِ جيئن لکيل آھي تہ ’ھڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوھہ ٻن يا ٽن شاھدن جي سامھون مٿس ثابت ٿئي.‘
17 جيڪڏھن ھو انھن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏھن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ ھن کي غير قوم ۽ محصول اڳاڙيندڙن مان ڪري سمجھو.“
18 ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي منع ڪندا تنھن جي بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي اجازت ڏيندا تنھن جي بھشت ۾ بہ اجازت ڏني ويندي.
19 آءٌ اوھان کي اھو بہ ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھان مان ڪي بہ ٻہ گڏجي ھن زمين تي ڪنھن شيءِ لاءِ دعا گھرن ٿا تہ منھنجو آسمان وارو پيءُ اوھان لاءِ اھو ڪم ڪندو.
20 ڇالاءِجو جتي بہ ٻہ يا ٽي منھنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انھن سان شامل آھيان.“
21 پوءِ پطرس عيسيٰ وٽ اچي پڇيو تہ ”خداوند، جيڪڏھن منھنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ منھنجو ڏوھہ ڪندو رھي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“
22 عيسيٰ وراڻيو تہ ”ست دفعا تہ آءٌ ڪونہ ٿو چوان، پر ستھتر دفعا.
23 ڇاڪاڻتہ آسمان واري بادشاھت ھڪ بادشاھہ وانگر آھي، جنھن پنھنجن نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
24 جڏھن حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس ھڪ اھڙو ماڻھو آندو ويو جنھن ڏانھن ھن جا ڪروڙين چانديءَ جا سڪا قرض ھئا.
25 پر ان نوڪر وٽ ايترو پيسو ڪونہ ھو جو کڻي قرض لاھي، تنھنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’ھن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آھي تنھن کي بہ وڪڻي قرض جي ادائگي ڪئي وڃي.‘
26 نوڪر پنھنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ’مون کي مھلت ڏيو. آءٌ اوھان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘
27 مالڪ کي ھن تي رحم اچي ويو سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين.
28 اھو نوڪر ٻاھر نڪتو تہ پنھنجو ھڪ ساٿي نوڪر مليس جنھن ڏانھن ھن جا ھڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض ھئا. تنھن کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيائينس تہ ’مون کي منھنجو قرض ڏي.‘
29 ھن جي ساٿيءَ پيرن تي ڪري کيس ليلائي چيو تہ ’مون کي مھلت ڏي، آءٌ تو کي قرض واپس ڪندس.‘
30 پر ھن سندس ھڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين ھو قرض ادا نہ ڪري.
31 جڏھن ان جي ساٿي نوڪرن ھي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سارو احوال پنھنجي مالڪ کي ٻڌايائون.
32 تنھن تي مالڪ ان نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنھنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻتہ تو مون کي منٿون ڪيون ھيون.
33 ڇا تو کي بہ اھڙيءَ طرح پنھنجي ساٿي نوڪر تي رحم ڪرڻ نہ کپندو ھو جيئن مون تو تي ڪيو؟‘
34 سو مالڪ اچي ڏاڍو ڏمريو ۽ انھيءَ نوڪر کي جلادن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيستائين ھو سمورو قرض واپس نہ ڪري.
35 اھڙيءَ طرح منھنجو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان سان ڪندو، جيڪڏھن اوھين پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان نہ بخشيندءُ.“