متي 26 SCLNT

عيسيٰ خلاف سازش

1 جڏھن عيسيٰ ھي سڀ ڳالھيون ٻڌائي چڪو تہ ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ

2 ”اوھان کي خبر آھي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ عيد فصح ايندي ۽ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا.“

3 ھوڏانھن سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ قائفا نالي وڏي سردار ڪاھن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.

4 ھنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي،

5 پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن نہ ڪريون متان ماڻھن ۾ وڳوڙ نہ پئجي وڃي.“

عيسيٰ جي بيت⁠عنياہ ۾ مھمانداري

6 جڏھن عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ ھو تہ

7 ھڪ عورت وٽس آئي جنھن کي ھڪ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر ھو. جڏھن عيسيٰ ماني کائي رھيو ھو تہ ان عورت اچي ھن جي مٿان عطر ھاريو.

8 شاگرد ھي ڏسي ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھي زيان ڇو ٿو ڪيو وڃي؟

9 ھي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اُھي پيسا غريبن کي ڏجن ھا.“

10 عيسيٰ سندن اھا ڳالھہ ٻڌي چيو تہ ”اوھين ھن عورت کي ڇو ٿا ستايو؟ ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي.

11 غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس.

12 جڏھن ھن منھنجي جسم تي عطر ھاريو تہ ھن مون کي دفن لاءِ تيار ڪيو.

13 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ سڄيءَ دنيا ۾ جتي بہ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“

يھوداہ جي عيسيٰ خلاف سازش

14 پوءِ ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو جنھن کي يھوداہ اسڪريوتي چوندا ھئا سو سردار ڪاھنن وٽ آيو،

15 ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪريان تہ پوءِ اوھين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنھن تي انھن کيس ٽيھہ چانديءَ جا سڪا ڳڻي ڏنا.

16 ان کان پوءِ يھوداہ اھڙي موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جيئن عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري.

شاگردن سان گڏ عيد فصح کائڻ

17 بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي شاگردن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“

18 عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”شھر ۾ فلاڻي ماڻھوءَ وٽ وڃو ۽ منھنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آھي. ھو پنھنجن شاگردن سميت عيد فصح اوھان جي گھر ۾ ملھائيندو.‘“

19 شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو ۽ عيد فصح تيار ڪيائون.

20 جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن سميت دسترخوان تي اچي ويٺو.

21 ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“

22 شاگرد ويچارا ڏاڍا غمگين ٿيا ۽ ھڪٻئي پٺيان عيسيٰ کان پڇڻ لڳا تہ ”خداوند، اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“

23 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُھو جنھن پنھنجو گرھہ مون سان گڏ ٿالھيءَ مان ٻوڙيو سو ئي مون کي پڪڙائيندو.

24 ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“

25 دغاباز يھوداہ ڳالھايو ۽ پڇيائين تہ ”اي سائين! اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ائين تہ تون پاڻ ٿو چوين.“

26 جڏھن ھو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“

27 پوءِ ھن پيالو کڻي شڪر ڪري انھن کي ڏيندي چيو تہ ”اوھين سڀيئي ھن مان پيئو،

28 اھو منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي گناھن جي معافيءَ لاءِ وھائجي ٿو ۽ جنھن سان خدا جو عھد ٻڌجي ٿو.

29 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ اوھان سان گڏ نئين مئي نہ پيئان.“

30 پوءِ انھن زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.

پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي

31 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اڄ رات اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙجي وينديون.‘

32 تنھن ھوندي بہ آءٌ پنھنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن ويندس.“

33 تنھن تي پطرس ڳالھايو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏي ويندس.“

34 عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“

35 پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني شاگردن بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.

گٿسيمني ۾ دعا گھرڻ

36 پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن سان گڏجي گٿسيمني نالي باغ ۾ آيو. اتي پھچي ھن کين چيو تہ ”اوھين ھتي ويھي رھو تہ آءٌ ھُتي وڃي دعا گھران.“

37 ھن پطرس ۽ زبديءَ جي ٻن پٽن کي پاڻ سان کنيو ۽ ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو.

38 ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”مون کي ايترو تہ ڏک آھي جو منھنجي دل ٽٽڻ تي آھي. اوھين ھتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رھو.“

39 عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منھن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“

40 پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو سمھيا پيا آھن. تنھن تي ھن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوھين ھڪڙو ڪلاڪ بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟

41 جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر بدن ڪمزور آھي.“

42 عيسيٰ وري ٻيو دفعو پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ھي پيالو منھنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“

43 پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو وري ستا پيا آھن، ڇوتہ اھي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن.

44 وري بہ عيسيٰ انھن کي ڇڏي ويو ۽ ٽيون دفعو بہ دعا گھُري اھي ساڳيا لفظ چيائين.

45 پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ چيائين تہ ”ڇا اوھين اڃا تائين ننڊون ۽ آرام پيا ڪريو؟ اِجھو، اھا گھڙي اچي پھتي آھي ۽ ھاڻي ابن⁠آدم گنھگارن جي حوالي ڪيو ويندو.

46 اٿو، ھلو ۽ ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رھيو آھي سو ويجھو اچي پھتو آھي.“

عيسيٰ جو جھلجڻ

47 اڃا ھن ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ ھن سان گڏ ھڪڙي وڏي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن موڪليو ھو.

48 دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ’جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان تہ اھو عيسيٰ ھوندو ۽ کيس پڪڙجو.‘

49 ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائين تہ ”اي سائين! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.

50 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ميان، جنھن ڪم لاءِ آيو آھين سو جلدي ڪر.“ پوءِ ھنن اچي عيسيٰ کي ٻڌو ۽ قابو ڪيائونس.

51 تنھن تي عيسيٰ جي ساٿين مان ھڪڙي سٽ ڏيئي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين.

52 تڏھن عيسيٰ انھيءَ کي چيو تہ ”پنھنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ تلوار ڪڍن ٿا سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا.

53 تو کي خبر نہ آھي ڇا تہ آءٌ پنھنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ ھو ھينئر ئي منھنجي مدد لاءِ ٻارھن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟

54 پر انھيءَ صورت ۾ پاڪ لکت ڪيئن پوري ٿيندي جا لکيل آھي تہ ھيئن ضرور ٿيندو؟“

55 پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟ ھيڪل ۾ ويھي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو ھوس، پر اتي تہ اوھان مون کي ڪڏھن بہ نہ پڪڙيو.

56 پر اھو سڀ ڪجھہ انھيءَ لاءِ ٿيو آھي تہ جيئن نبي جيڪو صحيفي ۾ لکي ويا آھن، سو سچو ثابت ٿئي.“ پوءِ سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.

عيسيٰ ڪائونسل جي اڳيان

57 جن عيسيٰ کي پڪڙيو ھو سي کيس وڏي سردار ڪاھن قائفا جي گھر وٺي آيا جتي شريعت جا عالم ۽ بزرگ اچي گڏ ٿيا ھئا.

58 پطرس ٿورو پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاھن جي گھر جي اڱڻ ۾ آيو ۽ اندر گھڙي پھريدارن سان گڏ ويھي رھيو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن ھو ڏسي تہ آخر ٿئي ڇا ٿو.

59 سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ جي خلاف ڪا ڪوڙي شاھدي ملي تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين.

60 پر انھن کي ڪابہ شاھدي ملي نہ سگھي، جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪوڙا شاھد آيا. نيٺ ھڪڙا ٻہ شخص آيا

61 ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان ھن ماڻھوءَ کي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ خدا جو ھيڪل ڊاھي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري ان کي ٺاھي بہ سگھان ٿو.‘“

62 وڏو سردار ڪاھن اُٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”ڇا تو کي ھنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو آھي؟“

63 پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو. وري ھن چيس تہ ”زندہ خدا جي نالي تي ھاڻي آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح، خدا جو فرزند آھين؟“

64 عيسيٰ ھن کي وراڻيو تہ ”اھو تہ تو پاڻ چيو آھي، بلڪ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن کان پوءِ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي تي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“

65 انھيءَ تي وڏي سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”ھن ڪفر بڪيو آھي. اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. ھاڻي اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آھن.

66 اوھان جو ڇا خيال آھي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ھي ڏوھي آھي ۽ ھن کي مارڻ کپي.“

67 پوءِ اھي ھن جي منھن تي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ کيس ٺونشا ھنيائون. ڪن کيس چماٽون ھنيون

68 ۽ چيائون تہ ”اي مسيح! نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“

پطرس جو عيسيٰ بابت انڪار ڪرڻ

69 پطرس ٻاھر اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيس تہ ”تون بہ عيسيٰ گليليءَ سان گڏ ھئين.“

70 پر ھن انھن سڀني جي روبرو انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا ٿي چوين پئي.“

71 پوءِ ھو ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ويو، جتي ٻي نوڪرياڻيءَ ھن کي ڏٺو ۽ اُتي بيٺل ماڻھن کي چيائين تہ ”ھي ماڻھو عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھو.“

72 پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”آءٌ ان ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“

73 ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اتي بيٺا ھئا تن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”تون ضرور انھن مان ھڪڙو آھين، ڇالاءِ⁠جو جھڙي نموني تون ڳالھائين ٿو سو ٻڌائي ٿو تہ تون انھن مان آھين.“

74 تنھن تي پطرس لعنت وجھندي چيو تہ ”خدا جو مون تي غضب پوي جيڪڏھن آءٌ سچ نہ ٿو ڳالھايان، ڇوتہ آءٌ ان ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“ انھيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني

75 ۽ پطرس کي عيسيٰ جو چيو ياد اچي ويو تہ ”جيسين ڪڪڙ ٻانگ ڏئي تنھن کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“ تڏھن پطرس ٻاھر نڪري ويو ۽ زاروزار روئڻ لڳو.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28