متي 16 SCLNT

عيسيٰ کان معجزي جي طلب

1 عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“

2 پر عيسيٰ انھن کي ورندي ڏني تہ ”جڏھن سج لھڻ مھل آسمان ڳاڙھو ٿو ٿئي تہ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏاڍي صاف موسم ٿيندي،‘

3 ۽ جڏھن صبح جو آسمان ڳاڙھو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينھن پوندو.‘ اوھان کي آسمان جي نشانين جي تہ خبر پوي ٿي پر زماني جي نشانين جي خبر نہ ٿي پئيوَ.

4 ھن زماني جا ماڻھو ڪيترا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“ پوءِ ھو انھن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.

فريسين ۽ صدوقين جو خميرو

5 شاگرد ڍنڍ جي ھُن ڀر ويا، پر کين ماني کڻڻ وسري ويئي.

6 پوءِ عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ٿجو.“

7 ھو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھن اسان کي اھو انھيءَ ڪري چيو جو اسين ماني ڪونہ کڻي آيا آھيون.“

8 عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي. ڇو ٿا پاڻ ۾ سوال جواب ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونھي؟‘

9 اڃا تائين اوھين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوھان کي ياد نہ آھي تہ اوھان پنجن مانين جا ڳڀا پنج ھزار ماڻھن ۾ ورھايا ھئا؟ ۽ اوھان ڪيتريون کاريون بچيل ڳڀن جون ڀري کنيون ھيون؟

10 ۽ نہ وري ست مانيون چار ھزار ماڻھن ۾ ورھائڻ ياد اٿوَ تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون ڀري کنيون ھيون؟

11 مون اوھان کي ماني بابت نہ چيو، پر اوھين ڇو نہ ٿا سمجھو؟ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ڪجو.“

12 پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو مانيءَ ۾ ڪم ايندڙ خميري کان خبردار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان ھوشيار رھڻ لاءِ پيو چوي.

پطرس جو عيسيٰ بابت اظھار

13 جڏھن عيسيٰ قيصريہ فلپيءَ جي علائقي ۾ آيو تہ پنھنجن شاگردن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو ابن⁠آدم بابت ڇا ٿا چون تہ ھو ڪير آھي؟“

14 انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ يا ٻين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“

15 عيسيٰ پڇين تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“

16 تنھن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آھين.“

17 عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آھين، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيءَ حقيقت تو کي ڪنھن انسان کان نہ پر منھنجي آسمان واري پيءُ کان ملي آھي.

18 آءٌ بہ تو کي چوان ٿو تہ تون ٽڪر آھين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنھنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.

19 آءٌ تو کي آسمان واري بادشاھت جون ڪنجيون ڏيندس ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي منع ڪندين تہ بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي اجازت ڏيندين تہ بھشت ۾ بہ ان جي اجازت ڏني ويندي.“

20 پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آھيان.“

عيسيٰ جو پنھنجي ڏک ۽ موت بابت ٻڌائڻ

21 انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“

22 پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ سختيءَ سان چوڻ لڳس تہ ”اي خداوند! خدا خير ڪري، شل تو سان ائين نہ ٿئي.“

23 عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. منھنجي راھہ ۾ تون رڪاوٽ آھين، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر ٿو سوچين.“

24 پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھري تہ ھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.

25 ڇالاءِ⁠جو جيڪو چاھي ٿو تہ ’آءٌ پنھنجي جان بچايان،‘ سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندو تنھن کي اھا ملندي.

26 ڀلا ماڻھوءَ کي انھيءَ مان ڪھڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ ھٿ ڪري پر پنھنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.

27 انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.

28 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ھو ابن⁠آدم کي سندس بادشاھت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28