32 عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻتہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونھي جو کائين. آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اھي بکيا ھليا وڃن، ڇوتہ متان ھي رستي تي ساڻا ٿي پون.“
33 تنھن تي شاگردن چيس تہ ”ھتي سڃ ۾ اسين ھيڏي ساري خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني ڪٿان آڻينداسين؟“
34 عيسيٰ پڇين تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست مانيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون.“
35 تنھن تي عيسيٰ ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“
36 پوءِ ھن ست ئي مانيون ۽ مڇيون ھٿن تي کڻي انھن ۾ برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا.
37 انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون.
38 جن ماڻھن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ چار ھزار ھو.