1 عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“
2 پر عيسيٰ انھن کي ورندي ڏني تہ ”جڏھن سج لھڻ مھل آسمان ڳاڙھو ٿو ٿئي تہ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏاڍي صاف موسم ٿيندي،‘
3 ۽ جڏھن صبح جو آسمان ڳاڙھو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينھن پوندو.‘ اوھان کي آسمان جي نشانين جي تہ خبر پوي ٿي پر زماني جي نشانين جي خبر نہ ٿي پئيوَ.
4 ھن زماني جا ماڻھو ڪيترا نہ بڇڙا ۽ بيايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“ پوءِ ھو انھن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.
5 شاگرد ڍنڍ جي ھُن ڀر ويا، پر کين ماني کڻڻ وسري ويئي.