15 چيائين تہ ”سائين! منھنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻتہ ھن کي مرگھيءَ جو اھڙو خوفناڪ مرض آھي جو اڪثر ڪري باھہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري.
16 آءٌ کيس اوھان جي شاگردن وٽ وٺي آيو ھوس، پر اُھي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“
17 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان وٽ ھوندس؟ ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچ.“
18 عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ ھو نڪري ويو ۽ انھيءَ گھڙيءَ ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي پيو.
19 پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ نويڪلائيءَ ۾ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسون؟“
22 جڏھن سڀيئي شاگرد گليل ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”ابنآدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.
23 اھي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ تنھن تي شاگرد ڏاڍا غمگين ٿيا.