1 جڏھن عيسيٰ اھي ھدايتون ڏيئي چڪو تہ ھو گليل مان روانو ٿي، اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي علائقي ۾ آيو.
2 ھن جي پٺيان ماڻھن جا وڏا ميڙ آيا پئي ۽ ھن اُتي ئي کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ٿي ڪيو.
3 ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ پڇيائون تہ ”ڇا ڪنھن ماڻھوءَ جو پنھنجي زال کي ڪنھن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“
4 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ خالق انھن کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو؟