2 ۽ اچي پڇيائون تہ ”اھو ٻار ڪٿي آھي جيڪو يھودين جو بادشاھہ ٿيڻ لاءِ ڄائو آھي؟ اسان ھن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آھي ۽ اسين ھن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آھيون.“
3 ھيروديس بادشاھہ جڏھن ھي ٻڌو تہ ھو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻھو ڏاڍا پريشان ٿيا.
4 ھن سڀني سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“
5 انھن وراڻيو تہ ”يھوديہ جي بيتلحم ۾، ڇالاءِجو نبيءَ جي معرفت ھيئن لکيو ويو آھي تہ
6 ’اي بيتلحم! يھوديہ جي ملڪ ۾،تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان،ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين.ڇالاءِجو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو،جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“
7 تنھن تي ھيروديس انھن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪھڙي وقت نظر آيو ھو؟“
8 پوءِ ھن انھن کي ھي حڪم ڏيئي بيتلحم ڏانھن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏھن اوھين انھيءَ کي لھو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ اچي کيس سجدو ڪريان.“