13 تنھن تي ھُن انھن مان ھڪڙي کي وراڻيو تہ ’ميان! مون تو سان ناحق ڪين ڪيو آھي. ڇا تو مون سان ھڪ چانديءَ جو سڪو مزوري ڪين ٻولي ھئي؟
14 جيڪي تنھنجو حق آھي سو وٺي ھليو وڃ. اھا منھنجي مرضي آھي تہ ھن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان.
15 ڇا مون کي اھو حق نہ آھي جو پنھنجي پيسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ آءٌ سخي آھيان تنھن ڪري تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘
16 ساڳيءَ طرح جيڪي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا.“
17 جڏھن عيسيٰ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ رستي ۾ ھن پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي نويڪلائيءَ ۾ وٺي وڃي چيو تہ
18 ”ٻڌو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون جتي ابنآدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا.
19 پوءِ اُھي کيس غير قومن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، چھبڪ ھڻندس ۽ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندس ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“