40 سڄو توريت ۽ نبين جا صحيفا بہ ھنن ٻن حڪمن تي مدار رکن ٿا.“
41 جڏھن فريسي اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ
42 ”اوھين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ ھو ڪنھن جي اولاد مان آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھو دائود جو اولاد آھي.“
43 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پاڪ روح جي ھدايت سان ھن کي ’خداوند‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻتہ دائود پاڻ چيو آھي تہ
44 ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کيتنھنجي پيرن ھيٺان نہ ڪريان.“‘
45 جيڪڏھن دائود مسيح کي ’خداوند‘ ڪري سڏي ٿو، تہ پوءِ اھو سندس اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“
46 ھن جي جواب ۾ ڪو ئي ھڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انھيءَ ڏينھن کان وٺي ڪنھن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي ھمت ٿي.