20 پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِجو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي.
21 ھن کي پٽ ڄمندو ۽ ان جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇالاءِجو ھو پنھنجيءَ قوم کي سندن گناھن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“
22 اھڙيءَ طرح اھي سڀ ڳالھيون جيڪي خداوند پنھنجي نبيءَ جي معرفت فرمايون ھيون سي پوريون ٿيون تہ
23 ”ڏسو، ھڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي،۽ کيس پٽ ڄمندو جنھن کي عمانوايل سڏيندا،“ جنھن جي معنيٰ آھي ”خدا اسان سان.“
24 سو جڏھن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏھن جيئن خداوند جي ملائڪ چيو ھوس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان ئي شادي ڪيائين.
25 پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس ھٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو عيسيٰ رکيائين.